SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


عدم استحڪام-نازڪ صورتحال


بين الاقوامي تعلقات جي ڊڪشنريءَ مان:


عدم استحڪام-نازڪ صورتحال

Destabilization

ڊي اسٽئبلائيزيشن

وسيع معنائن ۾ استعمال ٿيندڙ هي اصطلاح بين الاقوامي لاڳاپن ۾ ڪنهن به هڪ ڌُر طرفان ٻيءَ ڌُرجي اثر ۽ ضابطي کي گهٽائڻ يا محدود ڪرڻ ، سندس اختيار ڪيل پاليسين کي ناڪام ڪرڻ ، کيس معاشي طور ڪمزور ڪرڻ ، جديد هٿيار ايجاد ڪري برتري ماڻڻ ، غير قانوني ۽ تشدد ڀرين ڪاررواين ذريعي حڪومتي ڪاروهنوار ۾ رُخنو وجهڻ ۽ ترقيءَ جي طرف ٿيندڙ پيش قدميءَ کي روڪڻ لاءِ ڪتب ايندو آهي . ان قسم جي صورت ۾ توازن اندر بگاڙ اچي ويندو آهي ۽ وڏا بحران جنم وٺندا آهن . ’عدم استحڪام‘ ٻن قسمن جو ٿيندو آهي . 1- جيڪو ملڪي حڪومت جي غلط پاليسين ، داخلي تڪرارن/ گهوٽالن ۽ آفتن جي نتيجي ۾ پيدا ٿيندو آهي ، جنهن تي ضابطو آڻڻ آسان هوندو آهي . 2- جيڪو ٻين ملڪن / ڌُرين طرفان پنهنجن مفادن ماڻڻ لاءِ هٿرادو طريقي سان پيدا ڪيو ويندو آهي ۽ پرائي وس هجڻ ڪري آسانيءَ سان ختم نه ٿي سگهندو آهي . ڪنهن به ملڪ ۾ ٽاڪُئين (Fragile) صورتحال هئڻ سبب ان جي معيشيت تباه ٿي ويندي آهي ، جنهنڪري نه کُٽندڙ سياسي گهوٽالا جنم وٺندا آهن ۽ ملڪ پنهنجي خود مختياريءَ جي حفاظت نه ڪري سگهندو آهي . هي اصطلاح هٿيارن جي ڊوڙ جي سلسلي ۾ به تمام گهڻو استعمال ٿيو آهي . ان جي نتيجي ۾ به ملڪ نت نوان هٿيار جوڙي عالمي ۽ علائقائي امن کي خطري ۾ وجهي ڇڏيندو آهي ۽ امڪاني جنگ جي تباهه- ڪُن نتيجن سبب معيشيت سميت زندگيءَ جي ڪنهن به رُخ ۾ مناسب رٿابندي نه ٿي سگهندي آهي


Remember Me Also:

انڌو اونڌو ٿيڻ

اکيون پُوري لڳو رهڻ ڪم کي. خدمت چاڪري ڪرڻ. اَڪن ڇڪن ٿيڻ.

Let's Learn Sindhi

Online Sindhi Learning

SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

Visit the site

Virtual Books Library

SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

Visit the library

Portal for Sindhi Kids

For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

Go to portal